ڪوئيٽه-30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پا??ٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنهنجين سياسي غلطين کي درست ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. عدالتي سڌارن لاءِ اسٽيڪ هولڊرن جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جواظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ پيپلز لائرز فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگرديءَ جي حوالي سان بلوچستان جي عوام ۽ وڪيلن وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته اسان اهڙي آئيني عدالت ٺاهڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ سمورن صوبن جي نمائندگي هجي. هن چيو ته پ پ آئيني تر??يمن لاءِ پنهنجون تجويزون ڏيندي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته 18هين تر??يمن ۾ ججن جي مقرري بابت جيڪي معاملا طئي ٿيا هئا انهن ??ي بحال ڪيو وڃي. هن چيو ته ججن جي مقرري جي نظام ??ي بدلائڻ جي ضرورت آهي، ماضيءَ ۾ اسان کي چيو ويو ته ججن جي مقرريءَ بابت تجويزون واپس وٺو، ٻي صورت ۾ پورو آئيني تر??يم جو عمل واپس ٿي سگهي ٿو جنهن لاءِ اسان 30 سال جدوجهد ڪئي هئي، اُن وقت ججن پنهنجي رولز ذريعي پا??لياماني ڪميٽي جو اختيار ??تم ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته آئيني عدالت وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پ پ جي تجويز آهي ته صوبن جي سطح تي پڻ آئيني عدالتون قائم ڪيون وڃن، جيڪڏهن ڌار ??ئيني عدالت قائم هجي، اتي سمورن صوبن جي نمائندگي هجي ۽ عوام کي جلد انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي. عدالتي سڌارن لاءِ اسٽيڪ هولڊرن جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. هن زور ڀريو ته پا??ٽي جا تجربيڪار وڪيل پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ پا??ٽي منشور ۽ ڪارڪردگي لاءِ ڪردار ??دا ڪندي ڪوآرڊينيشن ڪميٽيون ٺاهين، پ پ هميشه جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون، پنهنجي منشور موجب عوام جي خدمت ڪنداسين. هن چيو ته اسان پنهنجي منشور مطابق سياسي ڪيس اڳيان وڌائينداسين.