اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) اعلان ڪيو آهي ته صارفين کان آگسٽ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ جولاءِ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ 20 پئسا في يونٽ گهٽ چارج ڪيا ويندا. ڪالهه نيپرا طرفان جاري اعلان موجب ڊسڪوز جي آگسٽ جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان نيپرا هيڊ ڪوارٽر ۾ نيپرا چيئرمين وسيم مخت??ر جي صدارت هيٺ عوامي ٻُڌڻي مڪمل ڪئي وئي. اعلان موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي جي) اي?? سي اي جي مد ۾ 57 پئسا في يونٽ جي گهٽتائيءَ جي درخواست جمع ڪرائي هئي. ان جو ڊسڪوز جي سمورن صارفين کانسواءِ لائن لائيف، پري پيڊ صارف ۽ اليڪٽرڪ و??يڪ?? چارجنگ اسٽيشنن تي لاڳو هوندو، ان جو ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي لاڳو نه هوندو. اٿارٽي ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ پڙتال کان??وء?? پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي. سي پي پي اي جي ان کان اڳ صارفين کان جولاءِ جي اي?? سي اي جي مد ۾ 37 پئسا في يونٽ گهٽتائيءَ سان چارج ڪيو ويو هو، آگسٽ جو اي?? سي اي جولاءِ جي ڀيٽ ۾ صارفين کان وڌيڪ 20 پئسا في يونٽ گهٽ چارج ڪيو ويندو.