نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پا??ستان جي ايس پي پلس بابت ??ال??ي ڪنوينشنز کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊيرليين سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪندي يورپي يونين سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پا??ستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ ??ال??ي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ارسلا وان کي يورپي ڪميشن جي ٻيهر صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ?? يورپي يونين جي مفادن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ??ند?? ڪوششن کي ساراهيو. جي ايس پي پلس اسڪيم تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پا??ستان جي ايس پي پلس بابت ??ال??ي ڪنوينشنز کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم ?? يورپي ڪميشن جي صدر جي وچ ۾ اها ملاقات ??ال??ي معاملن تي گڏيل مفادن ۽ تعاون تي فعال رابطن ۽ تعاون جي عڪاسي ڪري ٿي.