راولپ??ڊي-18 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي جنگي سامونڊي جهاز پي اين ايس شمشير آپريشن ”ٽيلون گرپ“ ۾ حصو ورتو. پي اين ايس شمشير هن وقت نار عمان ۾ علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي پيٽرول تي مقرر آهي. آءِ ايس پي آر موجب علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي پيٽرول تي مقرريءَ دوران پي اين ايس شمشير جي شراڪتدار ۽ دوست ملڪن سان آپريشن ٽيلون گرپ ۾ شرڪت ڪئي. ان کان علاوه برطانيه جي رائيل ني??ي جي جهاز ايڇ ايم ايس لنڪاسٽر سان مشق جو بندوبست ٿيو. مشق جو مقصد ٻنهي سامونڊي فوجن وچ ۾ هم آهنگي ۽ گڏيل تعاون کي بهتر بنائڻ ۽ خطي ۾ گڏيل آپريشنز ڪرڻ جي صلاحيت جو مظاهرو ڪ??ڻ هو. پاڪ بحريه ڪمبائنڊ ميري ٽائيم فورسز تحت هندي سمنڊ ?? سامونڊي ڌاڙيلن ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ به سرگرم آهي. پاڪ بحريه هندي سمنڊ ۾ قومي ۽ عالمي سامونڊي رس??ن جي نگرانيءَ لاءِ پنهنجي موجودگي برقرار رکيو پئي اچي.