لاهور-31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي جو اهم مشاورتي اجلاس لاهور ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، پن??اب جي وزيراعليٰ مريم نواز، پارٽي جي نائب صدر حمزه شهباز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پارٽي جا سينئر اڳواڻ ۽ عهديدار به موجود هئا. اجلاس ۾ مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي قدمن تي مشاورت ٿي، وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام جي رليف لاءِ وفاقي حڪومت جي قدمن تي پارٽي سربراهه کي بريف ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه تي به پارٽي صدر کي اعتماد ۾ ورتو. ??ن چيو ته خ??ارن جوشڪار ادارن کان ڇوٽڪاري ذريعي عوامي رليف لاءِ مالي گنجائش پيدا ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي. وزيراعظم چيو ته عوام کي رليف جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪر?? رهيا آهيون، اجلاس ۾ پن??اب جي وزيراعليٰ مريم نواز به پن??اب ۾ عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ جي قدمن کان پارٽي صدر کي آگاهه ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي پارٽي صدر محمد نواز شريف وفاقي حڪومت جي 50 ارب ۽ پن??اب حڪومت جي 46 ارب روپين جي عوامي رليف کي ساراهيو ۽ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف مشڪل معاشي حالتن ۾ نهايت محنت، جذبي ۽ ڀرپور صلاحيتن سان ڪم ڪر?? رهيو آهي. هن پن??اب جي عوام کي بجلي جي بلن ۾ 14 روپيا في يونٽ رليف جي فراهمي شروع ٿيڻ تي پن??اب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي شاباش ڏني ۽ چيو ته چاهيان ٿو ته پاڪستان جي هر شهري کي مهانگائي کان جلد رليف ملي، مريم نواز ۽ سندس ٽيم شاباش جي حقدار آهي. ??ن چيو ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سموريون سياسي ۽ حڪومتي قيادتن ۽ ادارن کي گڏجي فيصلا ڪرڻ جي ض??ورت آهي، ??ن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجي خرچن مان ڪٽوتي ۽ بچت سان عوام کي رليف لاءِ وسيلا مهيا ڪن.