اسلام آباد – 28 ?? آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي نائب صدر ۽ سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيئر وزير چوڌري محمد عزير جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪن??ي چيو آهي ته چوڌري محمد عزير آزاد ڪشمير جي سياست ۾ سرگرم سياسي شخصيت هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي مغفرت ۽ گ??رڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪن??ي چيو ته چوڌري محمد عزير جي لاڏاڻي س??ن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سياست هڪ روشن ستاري کان محروم ٿي وئي.