اسلام آباد-24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ف??سط??نين جي پنهنجي سر زمين تان زبردستي بيدخلي ۽ ٻارن جي غذائي کوٽ سان واڳيل انساني معاملن تي گڏيل قومن جي ??دا??ي (او سي ايڇ اي) جي تازي رپورٽ تي عالمي برادري کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته انسانيت خلاف ڏوهه ڪندڙ اسرائيلي رياست کي ڪٽهڙي ۾ نه بيهاريو ويو ته عالمي ??دا??و پاڻ ڪٽهڙي ۾ بيٺل هوندو. عالمي ??دا??ن جون رپورٽون اسرائيل خلاف سنگين فرد جرم آهن.وزيراعظم ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته گڏيل ق??مو?? جي تازي رپورٽ خوفناڪ ۽ معصوم ف??سط??نين جي نسل ڪشي جي اسرائيلي ڏوهه جو تازو ثبوت آهي. گڏيل قومن جي رپورٽ شاهدي ڏئي رهي آهي ته ڪو به ڏينهن اهڙو ناهي جنهن ۾ بي گناهه ف??سط??نين جو رت نه وهايو ويو هجي. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي رپورٽ ٻڌائي رهي آهي ته اسرائيل جو سڀ کان وڏو نشانو ف??سط??ني ٻار بڻجي رهيا آهن، صاف نظر اچي رهيو آهي ته اسرائيل ف??سط??نين جو نسل ختم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ف??سط??نين جي نسل ڪشي جو سلسلو شروع ٿئي 322 ڏينهن گذري ويا آهن. آگسٽ جي مهيني ۾ اڍائي لک ف??سط??نين جي سندن گهرن مان زبردستي بي دخلي عالمي ??دا??ن، عالمي ض??ير ۽ عالمي قانون لاءِ چئلينج آهي. وزيراعظم چيو ته صرف ٻن ڏينهن ۾ 146 ف??سط??نين کي پنهنجي گهرن مان ناحق بي دخلي سان اسرائيل جي ظلم جي رفتار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، گڏيل قومن جي ??دا??ي جي رپورٽ مان تصديق ٿئي ٿي ته هڪ پاسي خطرناڪ هٿيارن سان ف??سط??نين جي نسل ڪشي جاري آهي ته ٻئي پاسي بک کي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اتر غزه ۾ صرف هڪ س??ڪڙ?? ۽ ڏاکڻي علائقي ۾ چار س??ڪڙ?? ٻارن کي خوراڪ ملي رهي آهي، اسرائيل هوائي، زميني ۽ سامونڊي رستي باهه ۽ بارود وسائي عام ف??سط??نين جي قتل کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته انسانيت خلاف ڏوهه ڪندڙ اسرائيلي رياست کي ڪٽهڙي ۾ نه بيهاريو ويو ته عالمي ??دا??و پاڻ ڪٽهڙي ۾ بيٺل هوندو، عالمي ??دا??ن جون رپورٽون اسرائيل خلاف سنگين فرد جرم آهن، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته انسانيت جي قاتلن کي سزا ڏني وڃي، مظلومن جو تحفظ ڪيو وڃي، پاڪستان ف??سط??نين خاص طور تي ٻارن لاءِ خوراڪ جي فراهمي کي وڌيڪ تيز ڪندو.