اسلا?? آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي هدايت ڪئي آهي ته ذميوارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ مارجي ويل ٻارن جي خاندانن سان تعزيت، زخمي ٻارن جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته معصوم ٻارن تي اهڙي قسم جو حملو انتهائي ظالماڻو ۽ سفاڪ عمل آهي.