اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ س??لنگي چيو آ??ي ته هاڪي فيڊريشن جي اڳوڻي صدر جو معاملو عدالت اڪلائي ڇڏيو آ??ي، پي ايڇ ايف ??ي نئين چونڊن جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، اميد آهي ته جلد چونڊون ڪرايون وينديون. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران ??ينيٽر مشتاق احمد جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ س??لنگي چيو ته هاڪي فيڊريشن جو صدر چار سالن جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي ٿو، برگيڊيئر (ر) محمد خالد سجاد کوکر قانون موجب ٻه ڀيرا ئي صدر بڻجي سگهيو پئي، ان ??ا اهي ٻئي دور مڪمل ٿي چڪا آهن، ان لاءِ حڪومت کيس عهدي تان هٽايو ته هن عدالت سان ??جوع ڪيو ته عدالت به ان ??ي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، حڪومت هاڪي فيڊريشن جي ٻيهر چونڊن جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.