اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ عالمي سطح تي هڪ اهم سفارتي ڪاميابي جو واضح ثبوت آهي، ايس سي او پليٽ فارم تان پاڪستا?? کي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبي ۾ نوان موقعا حاصل ٿي سگهن ٿا، خاص طور تي چين ۽ روس جهڙن ملڪن سان تعاون جا رستا کلي سگهن ٿا. اجلاس جي ميزباني سان پاڪستان جي عالمي سطح تي مقبوليت ۽ اهميت ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهو ٻين ميمبر ملڪن سان لاڳاپ?? کي مضبوط ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو. ايس سي او جي پليٽ فارم علائقائي امن ۽ استحڪام کانسواءِ دهشتگردي، منشيات جي اسمگلنگ ۽ ٻين علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي جيڪي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. عالمي سطح تي مثبت تاثر پاڪستان پاران هڪ ڪامياب ميزباني عالمي سطح تي ان جو مثبت تاثر قائم ڪري سگهي ٿي جنهن سان عالمي تنظيمن ۽ ملڪن جي وچ ۾ ان جي حصيداري کي فروغ ملي سگهي ??و. ??جلاس جي ميزباني سان پاڪستا?? کي سفارتي لاڳاپ?? کي بهتر بڻائڻ ۽ عالمي سطح تي پنهنجي موقف کي مضبوط ڪرڻ جو بهترين موقعو ملي ??و. ??هڙا موقعا ملڪن جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ايندا آهن. هي پاڪستان جي ترقي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ نادر موقعو آهي. سڄي دنيا جو ڌيان پاڪستان تي آهي ۽ ان موقعي سان وڏا وڏا ملڪ پاڪستا?? کي فخر جي نگاهه سان ڏسندا. هن تنظيم جي ميمبر ملڪن ۾ چين، روس، ڀارت، پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستون شامل آهن جيڪي عالمي سياست ۽ مع??شت ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.