اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر طاهره اورنگزيب چين پا??ست??ن دوستي کي عالمي سهڪار جي هڪ روشن مثال قرار ڏيندي شنگهائي سهڪار تنظيم جي ملڪن پاران پا??ست??ن تي اعتماد ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان ٿورو مڃيو، جنهن سان اقتصادي ترقي، استحڪام ۽ علائقائي ترقي کي هٿي ملندي. سرڪاري ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چين پا??ست??ن دوستي جي تعريف ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لازوال دوستي کي اجاگر ڪيو. جيڪا ڪيترن ئي سالن جي سهڪار ۽ گڏيل افهام تفهيم ذريعي وڌيا آهن. هن چيو ته اهو مثالي تعلق ٻين ملڪن لاءِ هڪ نمونو آهي جيڪو پرامن گڏيل بقا ۽ گڏيل سهڪار سان اڳڀرائي جي صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي فورمز ۾ پا??ست??ن جي شرڪت رياست جي س??بر??هن جي ڪا??ونسل ۽ حڪومت جي س??بر??هن جي ڪا??ونسل ميمبر ملڪن سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جهڙن شعبن ۾ پنهنجي سهڪار کي وڌايو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن پي ٽي آءِ تي زور ڀريو ته پا??ست??ن جي هاڪاري عالمي سڃاڻپ کي هٿي ڏيڻ ۾ ايس سي او س??بر??هي اجلاس ج?? اهميت کي تسليم ڪري. هن اهڙن مظاهرن بدران اتحاد جي ضرورت تي زور ڏنو، اهڙي وقت ۾ جڏهن عالمي سهڪار ضروري آهي.