اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چين جي اڳوڻي وزيرا عظم ووبانگ گوا جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته اڳوڻو نائب چيني وزيراعظم ووبانگ گوا پاڪستان جو مخلص دوس?? هو. آچر تي ايوان صدر جي پريس ونگ ??ان جاري ڪيل بيان موجب صدر مملڪت چيو ته ووبانگ گوا پاڪ چين لڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ تعريف جوڳو ڪردار ادا ڪيو. پاڪستاني عوام جون همدرديون چيني عوام، حڪو??ت ۽ سوڳوار ڪٽنب سان گڏ آهن.