نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته پ??ڪس??ان جي وزيراعظم سان سندس ڪارائتي ڳالهه ٻول??ه ٿي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان ملاقات کانپوءِ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پ??ڪس??ان جي وزيراعظم سان سندس ڳالهه ٻولهه مثبت، فائديمند ۽ تعميري رهي. هن چيو ته ملاقات ۾ پ??ڪس??ان جي معيشت جي بحالي، مهانگائي ۾ گهٽتائي، ٽيڪس نظام ۾ شفافيت ۽ روزگار جي نئين موقعن ج?? فراهمي جي لاءِ آءِ ايم ايف جي تعاون سان سڌارن جي نئين پروگرامن تي تفصيلي ڳالهه ٻول??ه ٿي آهي. ٻنهي اڳواڻن معاشي استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.