دوشنبي-10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنب?? پهچي ويو آهي. دوشنب?? پهچڻ تي سندس ??ال??اڻو استقبال ڪيو ويو. دوشنبي ايئرپورٽ تي تاجڪستان جي مجلس نمائندگان جي قانونسازي ۽ حقن واري ڪميٽي جي چيئرمين رو وشان رجب زودا سندس ??ال??اڻو استقبال ڪيو. ان موقع?? تي ٻنهي ملڪن جا اعليٰ سرڪاري عهديدار به موجود هئا جن گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اهو دورو پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ، اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ ۽ نوجوانن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي حڪومتي ڪوششن جو حصو آهي. ان دوران م??تلف ٻطرفن م??اهدن ۽ حصيدارين تي به خيالن جي ڏي وٺ متوقع آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي هڪ نئين راهه ملندي.