اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري رزمڪ، اتر وزيرست??ن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن کي ساراهيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي بي??ن ۾ چيو ته سيڪيورٽي فورسز بهادري ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندي 8 خوارجن کي ماريو. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ ب??ٺل آهي. صدر چ??و ته معصوم شهرين جي جان ۽ مال جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو.