راولپنڊي-24 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير دشمن قوتن ۽ سندن سهولتڪارن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پاڪ فوج جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر م??ابق آرم?? چيف ڏکڻ وزيرستان جي ضلعي وانا جو دؤرو ڪيو، جتي کيس سيڪيورٽيءَ جي موجوده صورتحال، دهشتگرديءَ جي خاتمي خلاف جاري آپريشنز ۽ ترقياتي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. آفيسرن ۽ فوجين سان ڳالهائيندي آرم?? چيف خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي اعليٰ سطحي ت??ار?? ۽ غير م??مولي حوصلي جي تعريف ڪئي. آرم?? چيف سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو، جن ڊيوٽي دوران پنهنجون جانيون ڏنيون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪ فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خاص ڪري ڪي پي ڪي پوليس کي انهن جي سگهه وڌائڻ لاءِ مستقل مدد ۽ فني مدد فراهم ڪندي رهندي. آرم?? چيف ڏکڻ وزيرستان انٽيگريٽڊ ڊولپمينٽ پلان تحت امن برقرار رکڻ ۽ مختلف منصوبن کي اڳيان وڌائڻ ۾ ڪي پي ڪي جي عوام جي مُک ڪردار کي ساراهيو. هن ڪي پي ڪي جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻڻ لاءِ پاڪ فوج جي عزم تي زور ڀريو. آرم?? چيف دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ قبائلي اڳواڻن جي حمايت ۽ پاڪ فوج جي انهن جي پُختي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو. وزيرستان آمد تي آرم?? چيف شهداء جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. وانا ۾ پشاور جي ڪور ڪمانڊر آرم?? چيف جي شاندار آجيان ڪئي.