اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) پا??ستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف ۽ پا??ستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ پنجاب هائوس ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن مهانگائي جي شرح 32 کان 6.9 سيڪڙو ٿيڻ، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ۽ معاشي بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪيو. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب موجب ٻنهي اڳواڻن معاشي انڊيڪيٽرز ۾ مسلسل بهتري، پرڏيهه ۾ ترسيل پا??ستانين طرفان رڪارڊ 8.8 ارب ڊالر ڏيهه موڪلڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن چيو ته پا??ستان ۽ عوام کي رليف ملڻ جي رفتار وڌڻ خوش آئنده آهي. ٻنهي اڳواڻن سعودي سيڙپڪار وفد جي آمد، ايس سي او منعقد ٿيڻ جي به آجيان ڪئي ۽ چيو ته اهي سموريون سرگرميون پا??ستان جي عالمي وقار ۽ معاشي بهتري لاءِ نهايت مثبت اڳڀرائي آهي. ان موقعي تي ??حمد نواز شريف چيو ته وقت ثابت ڪيو ته 2006ع ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيحيون ڪرڻ اسان جو درست رخ ۽ درست وقت تي تاريخي فيصلو هو. ميثاق جمهوريت سان ملڪ ۾ جمهوريت کي استحڪام مليو، پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ شروع ڪيو. ميثاق جمهوريت جي نتيجي ۾ ڌرڻا، انتشار ۽ ڪاهه ڪرڻ جي سياست ڪندڙ غير جمهوري قوتن جو سمو??ين سياسي پارٽين گڏجي مقابلو ڪيو. هن چيو ته سڀني جمهوري قوتن کي گڏجي پارليامينٽ ذريعي عدل جو نظام جوڙڻو آهي. اهڙو انصاف جو نظام ٺاهڻو آهي جنهن ۾ ڪنهن فرد جي بالادستي ??ه هجي پر عوام جي راءِ ۽ ادارن جو احترام هجي ته جيئن ڪنهن هڪ شخص کي اها طاقت ۽ اختيار حاصل نه هجي جيڪو بهت??ين جمهوري نظام کي جڏهن چاهي پٽڙي تان لاهي ڇڏي. ايئن نه ٿيڻ گهرجي ته فرد واحد ملڪ ۽ قوم کي انڌيرن جي حوالي ڪري ڇڏي. هن چيو ته اڄ حاصل ٿيل معاشي ڪاميابين جو بنياد به سياسي اتحاد ۽ اتفاق آهي. ميثاق جمهوريت ۾ خ??اه?? ظاهر ڪئي وئي هئي ته سموريون قوتون گڏجي پا??ستان کي معاشي استحڪام ڏين جنهن جي نتيجي ۾ پا??ستان خوشحالي ٿئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ اوهان ميثاق جمهوريت جي شڪل ۾ ملڪ کي اڳتي ??ڌائڻ جو تاريخي قدم کنيو. ان سفر کي اڳتي ??ڌائڻ جي ضرورت آهي. نواز شريف چيو ته سياسي رواداري، اخلاق، آئين ۽ قانون ۽ پارليامينٽ جي بالادستي ??اءِ اسان گڏ آهيون، ارڙهين ترميم ادارن کي مضبوط ڪيو هو. محمد نواز شريف بلاول ڀٽو جي سياسي ڪردار کي ساراهيو ۽ شاباش ڏني. بلاول ڀٽو زرداري ميان نواز شريف کي چيو ته اوهان جي سياسي ويزن، سوچ ۽ تجربي جو تمام گهڻو قدر ڪريان ٿو، ملڪ ۽ قوم کي اوهان جي سياسي تجربي، سوچ ۽ پوليٽيڪل ويزن جي ضرورت آهي.