اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ??را??ي حصيداري کي ساراهيندي زراعت سميت ماحولياتي لچڪ جي منصوبن ۾ ترقياتي حصيدارن سان ??ڏ ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر 400 ملين ڊالرز جي سنڌ ايمرجنسي هائوسنگ ري ڪنسٽرڪشن پراجيڪٽ ۽ 320 ملين ڊالر ماليت جي خيبرپختونخواهه ڳوڍاڻي روڊز ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ جي حوالي سان مسودي تي صحيحن وا??ي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي صدر مساتسوگو آساڪاوا هڪ وفد سان گڏ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. پاڪستان جي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ??را??ي حصيداري کي ساراهيندي وزيراعظم اي ڊي بي جي وفد کي پاڪستان حڪومت پا??ان متعارف ڪرايل سڌارن جي سلسلي بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو، توانائي جي شعبي جي مالي استحڪام کي بهتر بڻائڻ، موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن جي خلاف قدمن، غيرهدف شده سبسڊي ۾ گهٽتائي ۽ سماجي تحفظ کي وڌ??ئڻ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته هو انهن سڌارن جي اڳڀرائي جي ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيو آهي ته جيئن انهن جي ڪامياب لاڳو ۽ ڊگهي مدي وا??ن اثرن کي يقيني بڻائي سگهجي جيڪي پا??يدار اقتصادي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي. وزيراعظم 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي موقعي تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ پا??ان 1.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي فراخدلاڻي مدد کي ساراهيو. هن زراعت سميت ماحولياتي لچڪ جي منصوبن ۾ ترقياتي حصيدارن سان ??ڏ ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر خيالن جو اظهار ڪندي ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان پاڪستان جي هڪ باني ميمبر جي حيثيت سان ڊگهي وا??ستگي کي ساراهيو. هن جامع سڌارا آڻڻ تي پاڪستان حڪومت کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي لاءِ بئنڪ جي مسلسل حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي، ماحولياتي تبديلي جي شعبي ۾ ۽ اداراجاتي سڌارن ۾ تعاون وڌ??ئڻ جي بئنڪ جي عزم جي تجديد ڪئي. منصوبابندي، ترقي وا??ي وفاقي وزير، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري وا??ي وفاقي وزير، اقتصادي معاملن وا??ي وفاقي وزير، ناڻي ۽ اوڳاڙين وا??ي وفاقي وزير ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم ۽ اي ڊي بي جي صدر 400 ملين ڊالرز جي سنڌ ايمرجنسي هائوسنگ ري ڪنسٽرڪشن پراجيڪٽ ۽ 320 ملين ڊالر ماليت جي خيبرپختونخواهه ڳوٺاڻن رستن جي ترقي جي منصوبي جي حوالي سان مسودي تي صحيحن وا??ي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جا اهي ٻئي منصوبا ٻوڏ سان تباهه ٿيل علائقن جي بحالي بابت آهن.