اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي پارلياماني مسئلن جي حل، آئين ۽ رولز آف بزنس جي حوالي سان 16 ميمبرن تي ٻڌل خصوصي ڪميٽي ٺاهڻ جي رٿ منظوري ڪري ورتي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پارلياماني مسئلن جي حل، آئين ۽ رولز آف بزنس جي حوالي سان ڪميٽي جوڙڻ جي رٿ پيش ڪئي، جنهن کي ايوان اتفاق راءِ سان من??ور ڪري ورتو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي ٻڌايو ته ڪميٽي ۾ ناڻي واري وزارت، حڪومتي ۽ مخالف ب??نچ?? جا ميمبرز ۽ پارلياماني معاملن وارو وزير شامل هوندا، اسپيڪر کي ڪميٽي ۾ تبديلي ڪرڻ جو اختيار حا??ل هوندو، ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ايوان ?? پيش ڪندي.