راولپنڊي-07 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز مهم??د ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور ??يڊڪوارٽر تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ چئن آپگهاتي بمبارن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏ??و. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب 6 سيپٽمبر 2024ع جي صبح جو سوير چئن خارجي دهشتگردن جي هڪ گروپ مهم??د ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور ??يڊڪوارٽر تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪيمپ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن اثرائتي طريقي س??ن ناڪام بڻايو ۽ ان جي نتيجي ۾ چئني آپگهاتي بمبارن کي گهربل نقصان پهچائڻ کان پهرين ئي جهنم ڀيڙو ڪيو وي??. علائقي ۾ ڪنهن به ٻئي موجود خارجي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ صفائي آپريشن ڪيو پيو وڃي، بيان ۾ چيو وي?? آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جو خاتمو ڪرڻ لاءِ جرئتمنداڻي عزم سان بيٺل آهي.