ڪراچي- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آبادگارن کي مفت ۾ ڪڻڪ جو ٻج فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ??هي. وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو ??هي ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آبادگارن کي ربيع سيزن لا??ِ 24 لک ايڪڙن لاءِ ڪڻڪ جو ٻج مفت ۾ ڏينداسين، ??نهن جي فراهمي ايندڙ مهيني کان شروع ڪئي ويندي، سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي گهر به ٺهرائي ڏيندي، اسان جي ڪوشش آهي ته ٻوڏ متاثرن کي روڪ رقم ڏيئون ته جيئن هو پنهنجا گهر پاڻ ٺهرائي سگهن. منظوروساڻ جو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا ڳالهائيندي وڌيڪ چوڻ هو ته مون کي 29 آڪٽوبر کان 29 نومبر تائين ڏينهن خطرناڪ نظر اچ?? رهيا آهن، مونکي هڪ مهينو خطرناڪ نظر اچ?? رهيو ??هي ان دوران ملڪ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. منظور وساڻ عمران خان کي مشورو ڏيندي چيو ??ه عمران خان سيڪنڊ ليڊر شپ بجاءِ پاڻ سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪري، جيڪڏهن ڪو رستو نه ڪڍيو ويو ??ه حالتون خراب ٿينديون، ??نهن سياستدانن جو وڏو نقصان ٿيندو. هن چيو ??ه عمران خان لانگ مارچ نه ڪندو ٿي سگهي ٿو ته هو ڪارڪنن کي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ احتجاج ڪرڻ جو چوي، منهنجي خواهش آهي ته عمران خان نااهل نه ٿئي سياسي ميدان ۾ اچي مقابلو ڪري، ڪنهن اڳواڻ جي نااهل ٿيڻ جو مان مخالف آهيان. منظوروساڻ چيو ??ه ڪجهه ماڻهون ٻا??ر ايندا، ڪجهه ٻاهران ايندا ۽ ڪجهه اندر ويندا، عمران خان لاءِ ڏينهن خراب آهن، ??ليڪسڻ ڪڏهن ٿيندي اهو 29 نومبر کان پوءِ ٻڌائيندس ته عام چونڊون ڪڏهن ٿينديون، ??نڌ ۾ ٻين پارٽين جو مستقبل ڪونهي ڪو، جي ڊي اي ختم ٿي چڪي آهي، فنڪشنل ليگ جي به پوزيشن گهٽ آهي.