نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيويارڪ جي جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم، واشنگٽن ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ پاڪستاني قونصل جنرل عائشه علي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم جي آجيان ڪئي. هو ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه جي آخري رسمن شرڪت کانپوءِ برطانيا کان نيويارڪ پهتو. نيويارڪ ??ان اي پي پي جي نمائندي موجب وزيراعظم شه??از شريف گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. هو فرانس ۽ اسپين جي صدرن ۽ آسٽريليا جي چانسلرن سان ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم شه??از شريف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان ملاقات ۽ عالمي فضائي تحفظ جي حوالي سان سينيگال جي صدر ۽ آفريقي يونين جي ميزباني ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت به ايجنڊا ۾ شامل آهي. وزيراعظم شه??از شريف اربع ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽا لينا جارجيوا ۽ عالمي بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپاس سان ملاقات ??ندو. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان پڻ ملاقات ??ندو. هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر سابا ڪوروسي سان به ملاقات ??ندو ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن پاران ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪندو. وزيراعظم فن لينڊ جي صدر رسائو لي ني نيستو سان ملاقات ??ندو ۽ ترڪ صدر ۽ ان جي گهرواريءَ جي ??ان ۾ آجياڻو ڏيندو. مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس، گڏيل قومن جي سربراهه، چين جي صدر ۽ جاپان جي وزيراعظم سان ملاقاتون به وزيراعظم جي ايجنڊا ۾ شامل آهن. وزيراعظم شه??از شريف لڪسمبرگ جي وزيراعظم زاويئر بيٽل ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم اسماعيل صابري يعقوب سان به ملاقات ??ندو. وزيراعظم عالمي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو. وزيراعظم شه??از شريف 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو.