اسلام آباد– 31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه هن وقت سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي رهي ??هي. نلتر وادي ۾ پاڪ فضائيه طرفان رليف ۽ بحالي جو ڪم به زورن تي ??هي. پاڪ فضائيه جي ??رجمان موجب پاڪ فضائيه جي ??يئر موبلٽي ڪمانڊ هيلي ڪاپٽرز ۽ سي 130 جهازن جي 89 اڏامن ذريعي ٻوڏ متاثر انهن علائقن تائين امدادي سامان پهچايو ويو جنهن تائين زميني رستن ۾ پهچڻ مشڪل هو. انساني همدردي تحت پاڪ فضائيه جي ??يمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورتمند خاندانن ۾ 795 خيما، 42491 پڪل کاڌي جا پيڪٽ، 146726 بنيادي کاڌي پيتي جي ??ين جا راشن بيگ ۽ 82806 پاڻي جون بوتلون ورهايون آهن. هن وقت تائين پاڪ فضائيه طرفان 16 ٽينٽ س??يز ۽ 41 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن جتي رهائش ۽ خوراڪ جي فراهمي کانس??اء?? 14822 مريضن جو پاڪ فضائيه جون ميڊيڪل ٽيمون مفت طبي معائنو ڪري رهيون آهن، پاڪ فضائيه جون امدادي ڪارروايون اڃان تائين جاري آهن.