اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير (اي جي ڪي) جي م??تسب اعليٰ تي زور ڏنو آهي ته هو پاڪستان جي وفاقي م??تسبن سان و??جه?? رابطو قائم ڪري ته جيئن انهن جي مهارت مان فائدو کڻندي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ بهترين طرز عمل کي اختيار ڪري سگهجي. صد?? اها ڳالهه آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي م??تسب چوڌري م??مد نسيم سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صد?? ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير محتسب جو سيڪريٽري ابصار حسين جرال ۽ حڪومت جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صد?? چيو ته ڪم واري جڳهه تي عورتن کي هراساني کان محفوظ رکڻ جي لاءِ هراساني جي خاتمي واري وفاقي م??تسب جي مينڊيٽ کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پوئيواري ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪم واري جڳهه تي هراساني جو شڪار عورتن کي انصاف فراهم ڪري سگهجي ۽ انهن جي وراثت ۽ ملڪيت جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي م??تسب کي خاص طور تي ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي، بئنڪنگ ۽ انشورنس فراڊ ۽ سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي ??عا??لن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صد?? آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي م??تسب کي م??ورو ڏنو ته هو عوام کي ذاتي طور تي پيش ٿيڻ جي شرط کانسواءِ پنهنجون شڪايتون آن لائين يا ٽيليفون جي ذريعي داخل ڪرڻ جي لاءِ جديد ترين انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ٽولز کي استعمال ڪرڻ جي ت??غيب ڏئي پنهنجي پهچ کي وڌائي. صد?? آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي مهتسب جي فيصلن جي پريس ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي ت??هير جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن عام ماڻهن کي پنهنجي شڪايتن ۽ انهن جي ازالي جي حوالي سان حاصل حقن کان آگاهي ملي سگهي. هن محتسب کي م??ورو ڏنو ته هو پنهنجي دائره اختيار ۾ ايندڙ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي کاتن ۽ ادارن جي حوصلا افزائي ڪري ته اهي شڪايت ڪندڙن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ محتسب وٽ موڪلي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي م??تسب صد?? کي اداري جي ڪارڪردگي ۽ درپيش چئلينجن بابت آگاهه ڪيو. هن محتسب جي ڪارڪردگي ۽ فعاليت کي وڌائڻ جي لاءِ لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو.