اسلام آباد – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت سان ملاقات لاءِ بهادر آباد ۾ واقع ايم ڪيو ايم پاڪستان جي هيڊ آفيس جو دورو ڪيو، وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ايم ڪيو ايم قيادت وزيرا??ظم محمد شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.
هن عام طور تي سنڌ صوبي ۽ خاص طور تي ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بهتري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪي فور جهڙن اهم ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل تي زور ڏنو ۽ ڪراچي ?? هڪ نئين ??ونيورسٽي جي قيام جو اعلان ڪيو،
هن سمورن اتحادي پارٽين جي عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي عزم ک?? ساراهيو. ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، سينئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، سيد امين الحق، ڊاڪٽر فروغ نسيم ۽ ڪنور نويد جميل کانسواءِ قومي اسيمبلي ميمبرن شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، مولانا اسعد محمود، احسن اقبال ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ملاقات ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به شريڪ ٿيو.