اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ صنعتي ترقي جي لاءِ انڪم ٽيڪس ترميمي آر??يننس 2022ع جاري ??ري ڇڏيو، آر??يننس جو مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ صنعتن جو فروغ، بيمار صنعتي يونٽس کي بحال ڪرڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آر??يننس تحت نقصان ۾ ويندڙ ۽ بيمار صنعتن کي ٻيهر زندهه ڪرڻ جي لاءِ پئڪيج ڏنو ويو آهي. آر??يننس جي مدد سان انڪم ٽيڪس آر??يننس 2001ع ۾ سيڪشن 59 سي، 65 ايڇ، 100 ايف جو اضافو ڪيو ويو آهي. آر??يننس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نئين صنعتون قائم ڪرڻ جي لاءِ ظاهر ڪيل اثاثن تي سيڙپڪارن کي رڳو 5 سيڪڙو مقرر ٽيڪس ڏيڻو پوندو، ظاهر ڪيل فنڊز رڳو پلانٽ ۽ مشينري خريد ڪرڻ، انڊسٽري قائم ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿي سگهندا، فائديمند ڪمپنيون بيمار ۽ نقصان ۾ ويندڙ صنعتون حاصل ??ري سگهنديون، حوصلا افزائي لاءِ بيمار صنعت جو ٽيڪس نقصان ايندڙ ٽن سالن جي لاءِ ايڊجسٽ ??ري سگهبو. سمنڊ پار پاڪستاني، ٻاهرئين ملڪ اثاثا رکندڙ پاڪستاني سيڙپڪاري ??ري سگهندا، سيڙپڪار پئڪيج تحت واپس آندل رق?? تي 100 سيڪڙو ٽيڪس ڪريڊٽ جا اهل هوندا، پئڪيج تحت واپس آندل رق?? جي برابر ٽيڪس ڪريڊٽ رڳو 5 سالن تائين ڏنو ويندو. صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت آر??يننس جاري ڪيو.