اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ?? پيش آيل واقعي جي ??خت مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڳڻتي هاڻي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تائين محدود ناهي رهي، ڪرناٽڪ جو واقعو ان جو واضح ثبوت آهي، بي جي پي سرڪار جي ناروا پاليسين جي ڪري خطي جي ??من کي درپيش خطرن جي ??والي سان هڪ بيان ?? پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ??نگين خلاف ورزين ۽ ظلمن طرف اسان عالمي برادري جو ڌيان مسلسل ڇڪرائيندا رهيا آهيون جڏهن ته وزيراعظم عمران خان هر ڀيري چئي چڪو آهي ته اسان کي اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان تي شديد ڳڻتي آهي. هن چيو ته نيامي ۾ منعقد، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 47 هين اجلاس ۾ پاڪستان نه رڳو اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحانن جي ??لاف آواز بلند ڪيو پر اسلامو فوبيا جي ??لاف متفقه طور تي منظور ٿيندڙ قرارداد به پاڪستان پيش ڪئي. اسان جا خدشا اڄ ح??يقت جو روپ ڌاري رهيا آهن، ڪرناٽڪ جو واقعو ان جو ثبوت آهي، اڄ دنيا ڏسي رهي آهي ته هندستان ?? حجاب جي نالي تي ٻارڙين کي تعليم جهڙي زيور کان محروم ڪيو پيو وڃي، شاهه محمود قريشي چيو ته هندستان ?? اقليتن سان مسلسل ناروا سلوڪ ڪيو ويندو رهيو جيڪو انتهائي ڳڻتي جهڙي ڳالهه آهي، هندستان هڪ طرف پ??ڻ کي سيڪيولر ازم ۽ جمهوريت جو علمبردار چورائيندو آهي ۽ ٻي طرف لباس تي پابنديون لڳايون پيو وڃڻ. پرڏيهي وزير چيو ته هندستان ?? ڪروڙين مسلمان رهن ٿا، اسان جو پنهنجو هڪ تمدن آهي ۽ هڪ تهذيب آهي، ڪالهه جيڪو ڪرناٽڪ ۾ ٿيو اهو هندستان ?? رهندڙ ڪروڙين مسلمانن کي جنجهوڙڻ لاءِ ڪافي آهي. هو دٻايل ضرور آهن پر جيڪڏهن هو دٻجي ??اموش به رهيا ته ظلم جو سلسلو بند نه ٿيندو، شاهه محمود قريشي چيو ته کين پنهنجي ??نيادي انساني حقن جي ??حفظ لاءِ اٿي بيهڻو پوندو. هن چيو ته ڪرناٽڪ ?? پيش آيل واقعي جي ??ديد مذمت ڪريان ٿو، آئون اڄ انساني حقن جي ??لمبردار تنظيمن جو ڌيان ڪرناٽڪ ?? پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي ??رف ڇڪرائڻ چاهيان ٿو، اڄ خاموش نه رهو هندستان ?? تعليم پرائيندڙ انهن ٻارڙين لاءِ آواز اٿارين جنهن کان تعليم حاصل ڪرڻ جو حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، آئون هندستان ?? رهندڙ سيڪيولر سوچ جي ??امل طبقن کي به چوندس ته هو پنهنجي ملڪ جي ??شخص کي بچائڻ لاءِ مسلمان اقليت سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ جي ??لاف آواز بلند ڪن، شاهه محمود قريشي چيو ته انشاءُ الله 22/23 مارچ تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس منعقد ٿيندو. ان اجلاس ۾ فسلطين مسئلي، ڪشمير مسئلي، اسلامو فوبيا سميت مسلمان امت کي درپيش چئلينجز بحث هيٺ ايندا، اسان کي اهو به ڏسڻو آهي ته اسان مسلمانن جي ??قن جي ??حفظ لاءِ او آءِ سي جي پليٽ فارم کي ڪهڙي طرح موثر انداز ۾ استعمال ۾ آڻي سگهون ٿا.