بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ??زبڪستان جي صدر ۽ چين جي وزيراعظم سان ملاقاتون ڪن??و جڏهن ته وزيراعظم اڄ صدر شي جن پنگ پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ پڻ شريڪ ٿيندو، اڄ وزيراعظم سان ??راچي ۽ فيصل آباد ۾ پاڻي جي منصوبن جي حوالي سان ??يني سيڙپڪارن جون ملاقاتون ٿينديون، ڪراچي ۾ ڪي فور منصوبي، حب ڪينال جڏهن ته فيصل آباد ۾ واٽر ٽريٽمينٽ جي حوالي سان ??الهه ٻولهه مڪمل ٿي آهي. وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان ??الهائيندي ا??لاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اڄ چين جي صدر پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت ڪن??و، وزيراعظم عمران خان جي اڄ شام جو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ??زبڪستان جي صدر ۽ چين جي وزيراعظم سان ملاقات ٿيندي. هن چيو ته گذريل ڏينهن چين جي سرمائي اولمپڪس ۾ پاڪستان جي ٽيم پهريون ڀيرو شريڪ ٿي، پاڪستاني ٽيم جي چين جي عوام پاران شاندار آجيان ??ئي وئي. هن چيو ته پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن جي عوام جي هڪ ٻئي لاءِ محبت جي ا??هار تي ٻڌل آهي. چيني سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ٿنڪ ٽينڪس سان به ملاقات ٿي، وزيراعظم زور ڏنو ته دنيا هڪ ٻي سرد جنگ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، پاڪستان ??ين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته وزيراعظم سڀاڻي چين جي صدر شي جن پنگ سان ون آن ون ملاقات ڪن??و، صدر شي سان اڄ مانجهاندي ۾ پڻ ملاقات ٿيندي. ان ملاقات ۾ پاڪستان جي مستقبل جي لاڳاپن جي حوالي سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اڄ وزيراعظم سان پاڪستان جي اقتصادي لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.