اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سينيٽ جي چيئرمين سينيٽر صادق س??جراڻي سان سندس ڀاءُ سالار سنجراڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وزيراعظم عمران خان سان سينيٽ جي چيئرمين سينيٽر محمد صادق س??جراڻي ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيئرمين سان سندس ڀاءُ سالار سنجراڻي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، هن مرحوم جي بلند درجن لاءِ خصوصي دعا ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي، ڪوئيٽا، آر سي ڊي روڊ کي ٻن لائين وارو ٺاهڻ بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. وزيراعظم بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ روڊن جي بنيادي ڍانچي کي بهتر ۽ جديد بڻائڻ ج?? خاطري ڪرائي، هن سي پيڪ تحت تعمير ٿيندڙ ر??ڊن خاص طور تي اولهه روٽ جي تعمير کي ان سلسلي ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ۽ اميد ظاهر ??ئي ته ان سان منصوبي ۾ معاشي ۽ معاشرتي ترقي لاءِ نئين دور جو آغاز ٿيندو.