اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سيڙپڪاري بورڊ جو دورو ڪ??و، سيڙپڪاري بورڊ آمد تي مملڪتي وزير ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين محمد اظفر احسن ۽ سيڙپڪاري بورڊ ج?? سيڪريٽري فارينه مظهر اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير جو استقبال ڪيو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ک?? سيڙپڪاري بورڊ جي ڪارڪردگي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ سيڙپڪاري بورڊ پاران متعار?? ڪرايل سڌارن کان آگاهه ڪيو ويو، ان موقعي ت?? سيڙپڪاري بورڊ پاران ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، چوڌري فواد حسين سيڙپڪاري بورڊ جي ڪارڪردگي کي ساراهندي چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سيڙپڪاري بورڊ سان ڀرپور تعاون ڪندي.