اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ س??ود?? عرب گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي، ڌرين ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي به زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عاف ??لو?? سان س??ود?? عرب شوريٰ ڪائونسل جي وفد جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله محمد بن شيخ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو ته پاڪستان ۽ س??ود?? عرب جي وچ ۾ گهرا تاريخي لاڳاپا آهن، ٻطرفي زبردست تعاون کي ڌرين جي گڏيل فائدي لاءِ وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر مشڪل وقت ۾ س??ود?? عرب جي تاريخي ۽ مسلسل حمايت ۽ پاڪستان جي مالي مدد کي ساراهيو. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? س??ود?? قيادت کي اف??ان??تان ۾ انساني صورتحال تي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 17 هون غير معمولي اجلاس گهرائڻ جي وقت سر قدمن تي مبارڪباد ڏن??، هن او آءِ سي اجلاس ۾ عالمي برادري متحرڪ ڪرڻ ۽ مالي امداد تي س??ود?? عرب جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته او آءِ سي ملڪن مشڪل وقت ۾ اف??ان??تان جي عوام کي اميد، يڪجهتي ۽ اتحاد جو مضبوط پيغام ڏنو. هن چيو ته اسلامي ملڪن کي اسلام فوبيا جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف ڪيل ڀارتي ظلمن کي به اجاگر ڪيو. هن برادري تي زور ڏنو ته هو ڀارت تي انساني حقن جي خلاف ورزيون بند ڪرڻ، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري وارو حق ڏيارڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عبدالله محمد بن شيخ چيو ته پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهون ٿا، ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي. هن صدر کي شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان جو مبارڪباد وارو پيغام به پهچايو. هن اف??ان??تان بابت پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? کي مبارڪباد ڏني.