اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ر??گو??يٽري اٿارٽين جي موثر ڪردار تي زور ڏيندي هدايت ڪ??ي آهي ته مافياز جي ڳٺ جوڙ تي نظر رکي، لاڳاپيل شعبن ۾ خدمتن ۽ معيار کي بهتر بڻايو وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ر??گو??يٽري اٿارٽين جي سربراهن جي اجلاس جي صدارت ڪ??ي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ ر??گو??يٽرز جو اهم ڪردار آهي. ر??گو??يٽرز موثر مانيٽرنگ، قانوني ۽ ر??گو??يٽري ضرورتن کي نظر ۾ رکندي عوامي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائين. وزيراعظم مافياز جي ڳٺ جوڙ تي نظر رکڻ لاءِ ر??گو??يٽري اٿارٽين جي موثر ڪردار جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سمورن ر??گو??يٽرز کي هدايت ڪ??ي ته هو پنهنجي لاڳاپيل شعبي ۾ شفافيت ۽ معياري خدمتن کي يقيني بڻائين. ر??گو??يٽري اٿارٽين جي سربراهن وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته هو پنهنجي لاڳاپيل اٿارٽين جي صلاحيت ۾ اضافو ڪن ته جيئن شهرين کي بهتر خدمتن ??ي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي.