اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانستان جي دوري جي موقعي تي ??ا??ڪس??ان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر پريس ون?? پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??اڪ??تان ۽ تا??ڪس??ان جي وچ ۾ مضبوط معاشي حصيداري جي لاءِ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ڪاسا 1000 منصوبي تي ??ملدرآمد جو جائزو پڻ ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??اڪ??تان جي بندرگاهن جي ذريعي تا??ڪس??ان جي لاءِ علائقائي انضمام ۽ رابطن تي ??وشني وڌي. ٻنهي اڳواڻن ??اڪ??تان ۽ تا??ڪس??ان کي افغانستان ۾ انساني صورتحال جي ڪري درپيش چئلينجز جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علي چيو ته پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ عدم استحڪام جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا. هن تا??ڪس??ان جي صدر کي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ??اڪ??تان جي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. صدر چيو ته افغان معيشت کي بچائڻ جي لاءِ افغانستان جا منجمند اثاثا غيرمنجمند ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سمورن افغانين جي حقن جو احترام ۽ افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن، مفاهمت ۽ استحڪام جي لاءِ ??اڪ??تان ۽ تا??ڪس??ان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته افغانستان ۾ پائيدار امن خطي ۾ واپار ۽ معاشي موقعا فراهم ڪندو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن موجوده ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال تي ??طمينان جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.