اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) پارليامينٽ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جي بل ٻيُون چونڊ ترميم بل 2021ع جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏ?? جڏهن ته مخالف ڌر پاران پيش ڪيل ترميمون رد ڪيون ويون، مخالف ڌر ان تي واڪ آئوٽ ڪيو، ان بل جي منظوري کانپوءِ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعما?? ۽ ??اهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملي سگهندو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڊا??ٽر بابر اعواڻ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل ٻيُون چونڊ ترميم بل 2021 آئين جي آرٽيڪل 70 جي شق (3) تحت فوري طور تي غور هيٺ آڻن جي رٿ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏ?? بعد ۾ ايوان مان بل جي شقوار منظوري ورتي وئي. شق 2 تي مخالف ڌر ميمبر محسن داوڙ پاران ترميم پيش ڪئي وئي. ڊا??ٽر بابر اعواڻ ان جي مخالفت ڪئي. هن چيو ته هي بل ڪافي عرصي کان هلندو پيو اچي هي ب?? 90 ??ينهن سينيٽ ۾ غور هيٺ رهيو، هي ان ۾ دير چاهين ٿا. اها ترميم غيرضروري آهي. ان تي ايوان کان ورتي وئي ۽ اڪٿريت راءِ سان ترميم رد ڪئي وئي. بعد ۾ مخالف ڌر پاران چئلينج ڪرڻ تي ان تي ووٽنگ ڪرائي وئي. رٿ جي حق ۾ 221 ۽ مخالفت ۾ 203 ووٽ پيا، اهڙي طرح رٿ منظور ڪئي وئي. ان دوران مخالف ڌر ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪيو ۽ ايوان ۾ گوڙ ۽ اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو. اسپيڪر سارجنٽ ايٽ آرمز کي هڪ ڀيرو ٻيهر ايوان ۾ طلب ڪري ورتو جنهن اسپيڪر ڊائس کي پنهنجي حصار ۾ وٺي ڇڏ??و. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊا??ٽر بابر اعواڻ ٻي ترميم پيس ڪئي، ان تي تاج حيدر پنهنجي ترميم پيش ڪئي جنهن جي بابر اعواڻ مخالفت ڪئي. اسپيڪر بابر اعواڻ جي ترميم ايوان ۾ پيش ڪئي ۽ ان کي اڪثريت سان منظور ڪيوويو. ايوان تاج حيدر جي ترميم اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏ??. شق (3) ۾ ٽي ترميمون هيون. بابر اعواڻ ان تي پنهنجي ترميم پيش ڪئي جيڪا منظور ڪئي وئي. سينيٽر مشتاق احمد خان ترميم پيش ڪئي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊا??ٽر بابر اعواڻ ان جي مخالفت ڪئي. ايوان مشتاق احمد خان جي ترميم رد ڪري ڇڏ??. ڊا??ٽر بابر اعواڻ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل چونڊ ترميم ٻه بل 2021ع منظوري جي لاءِ پيش ڪيو جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏ??. ان بل موجب ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن نادرا ۽ ٻين ايجنسيز جي فني معاونت حاصل ڪري سگهندو. ان بل موجب اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي خريداري پڻ ڪري سگهبي.