اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ تربيلا پنج تو??يع منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ تربيلا پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تربيلا 5 تو??يع منصوبو 807 م??ين ڊالر جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ منصوبي جي تعمير لاءِ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهن، منصوبو صرف ٽن سالن جي ننڍي مدي ۾ 2024ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي جو بنيادي مقصد م??تقبل ۾ تربيلا ڊيم کي مٽي ڀرجڻ جي خطرن کان محفوظ بڻائي، پراجيڪٽ جي ڪري تربيلا ڊيم مان زرعي مقصدن لاءِ پائيدار بنياد تي پاڻي جي دستيابي جاري رهندي. تربيلا 5 تو??يع منصوبي سان 1530 ميگاواٽ ماحول ??وس?? ۽ سستي پن بجلي به حاصل ٿيندي. منصوبو هر سال نيشنل گرڊ کي هڪ ارب 34 ڪروڙ يونٽ سستي بجلي مهيا ڪندو. تربيلا پنج تو??يع منصوبي جي تعمير جي ڪري ملازمتن جا 3 هزار موقعا پيدا ٿيندا، منصوبي جي ڪري تربيلا کان بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4 هزار 888 ميگاواٽ کان وڌي 6418 ميگاواٽ ٿي ويندي، تربيلا پنج تو??يع منصوبو پاڪستان جي پاڻي، خوراڪ ۽ تو??نائي جي اهم ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.