اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ سياحت، وڻن ۽ زراعت جي شعبي ۾ انقلاب اچي رهيو آهي، اترين علائقن ۾ سياحت جي فروغ جا وسيع موقعا آهن، اسان جي بلند پها??ن ۽ گليشيئرز جو سوئيٽزرلينڊ به مقابلو نه ٿو ڪري ??گهي، سياحتي علائقن جي زوننگ سان گڏوگڏ بائي لاز به ٺاهڻا پوندا، سياحت سان ملڪ جي آمدني وڌندي، مقامي ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو، زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ پراڻن طريقن بدران جديد ٽيڪنالاجي تي وڃڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پشاور دره آدم خيل روڊ جي بحالي ۽ بهتري ۽ چترال شندور رستي جي بحالي ۽ توسيع جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو.