اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ??يص?? چيو آهي ته ٽائمز هائير ايجوڪيشن تحت اڀرندڙ معيشتن جي يو??يورسٽين ۾ 150 هين پوزيشن حاصل ڪرڻ عبدالولي خان يو??يورسٽي مردان جي هڪ واکاڻ جوڳي ڪاميابي آهي، يو??يورسٽي جي پنهنجي قيام جي ٿوري عرصي ۾ اهو اعزاز حاصل ڪرڻ يو??يورسٽي جي انتظاميه، استادن ۽ شاگردن جي شوق ۽ محنت جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عبدالولي خان يو??يورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ظهور الحق ۽ سندس ٽيم سان هڪ ملاقات ۾ ڪيو. هن يو??يورسٽي جي وائس چانسلر، استادن ۽ شاگردن کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد به ڏني. اسپيڪر اسد ??يص?? چيو ته صنعتي ترقي ڪنهن به قوم جي معاشي خوشحالي ۽ ڪاميابي جي ڪنجي آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت قائم ٿيندڙ صنعتي منصوبن ج?? مڪمل فعال ٿيڻ سان پاڪستان خاص طور تي خيبرپختونخوا صوبو معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو. هن چيو ته ان سلسلي ۾ عبدالولي خان يو??يورسٽي جو ڪردار اهم هوندو. هن ملڪ کي درپيش معاشرتي، مع??شي?? سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي معاملن تي تحقيق جي فروغ لاءِ ريسرچ جي بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.