اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) ??فا??ي ڪابينا ??فا??ي حڪومت جي ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو اضافي، پهرين مارچ کان سمورين معاشي سرگرمين کي مڪمل طور تي بحال ڪرڻ ۽ مختلف مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته ايندڙ عام چون??ون اليڪٽرانڪ ووٽنگ ذريعي ٿين ۽ سمنڊ پار پاڪستانيز اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۾ حصو وٺي سگهن، صدر جي مشاورت سان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون هڻڻ جي لاءِ گهربل سمورن انتظ??مي قدمن ۽ مرحلن جي نشاندهي ڪئي ويندي، ڪابينا جنسي ڏوهن جي واقعن جو سخت نوٽيس وٺندي ان حوالي سان سامهون ايندڙ رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، حڪومت سينيٽ چون??ون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، سپريم ڪورٽ کان رهنمائي، آرڊيننس جاري ڪرڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ترميمي بل پيش ڪرڻ جو مقصد سينيٽ چون??ون شفاف بڻائڻ آهي، موجوده حڪومت چونڊ عمل کي مڪمل طور تي شفاف بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ??فا??ي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته ??فا??ي ڪابينا کي ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ڦهلاءُ جي شرح بابت بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ??يو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪيسز جي انگ ۽ ڦهلاءُ جي شرح ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ??يو ته ڪورونا ويڪسين فرنٽ لائين ورڪرز کي لڳائي پئي وڃي. هيستائين اٽڪل 50 هزار فرنٽ لائين ورڪرز کي ويڪسين لڳائي وئي آهي ۽ ان عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو پيو وڃي. ڪابينا کي ٻڌايو ??يو ته 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي لاءِ 1166 نمبر فراهم ڪيو ??يو جتي ويڪسين جي لاءِ اهي پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ جي داخلا ۽ رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا. ڪابينا کي ٻڌايو ??يو ته نجي شعبي پاران ويڪسين جي درآمد ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ??يو آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ??يو ته پهرين مارچ کان سمورين معاشي سرگرمين کي مڪمل طور تي بحال ڪيو ويندو. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون هڻڻ جي حوالي سان اڳڀرائي بابت معلوم ڪيو. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت چونڊ عمل کي مڪمل طور تي شفاف بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم چونڊ سڌارا ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته صدر جي مشاورت سان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون هڻڻ جي لاءِ گهربل سمورن انتظ??مي قدمن ۽ مرحلن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ ان حوالي سان ٽائيم لائينز مقرر ڪ??ون وڃن. وزيراعظم چيو ته چونڊ عمل جي مڪمل طور تي شفافيت کي يقيني بڻائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. جبري گمشدگين جي معاملي جي حوالي سان ڪابينا ان ڳالهه کي ورجايو ته موجوده حڪومت مڪمل طور تي شفافيت ۽ قانون جي عملداري تي پڪو يقين رکي ٿي. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ان حوالي سان پارليامينٽ ۾ قانون آڻڻ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. ڪابينا جنسي ڏوهن جي واقعن جو سخت نوٽيس وٺندي ان حوالي سان سامهون ايندڙ رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته انهن ڏوهن جي روڪٿام جي حوالي سان قانون لاڳو ڪرڻ ۽ قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. ڪابينا موجوده حڪومت پاران عورتن کي ملڪيت ۾ انهن جو حق ڏيارڻ جي قانون کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ملڪيتن جي معاملن جي فوري حل جي حوالي سان قانون جي عمل کي به تيز ڪيو وڃي.