اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وفاقي تع??يم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت 11 ۽ 12 جنوري 2025ع تي ”مسلم??ن معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان عالمي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندي. ڪانفرنس جو مقصد مسلم??ن معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي فروغ ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ دستياب موقعن، مڪالمي جي فروغ ۽ درپيش چئلينجز تي قابل عمل حل ڳولڻ آهي. اها ڪانفرنس اعليٰ سطحي خيالن جي ڏي وٺ ۽ تعاون جي لاءِ هڪ مثالي پليٽ فارم مهيا ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بي??ن موجب ڪانفرنس جو افتتاح وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪندو، جيڪو افتتاحي سيشن ۾ اهم خطاب جي ذريعي ڇوڪرين جي تعليم ۽ صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندو. ان ڪانفرنس ۾ 44 مسلمان ۽ دوست ملڪن جي وزيرن، سفيرن، تع??يمي ماهرن ۽ اسڪالرز سميت 150 کان وڌيڪ عالمي ناليواريون شخصيتون شرڪت ڪنديون. گڏيل قومن جي ذيلي اداري يونيسڪو، يونيسيف ۽ عالمي بئنڪ سميت مختلف عالمي تنظيمن جا نمائندا پڻ موجود هوندا. مقررين ۽ پينلسٽ پنهنجا ڪامياب تجربا شرڪت ڪندڙن سان شيئر ڪندا ۽ تع??يم ۾ برابري جي فروغ جي لاءِ جديد طريقا پيش ڪندا. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ”اسلام آباد پڌرنامي“ تي باضابطا صحيحون ڪيون وينديون، جيڪو مسلم??ن معاشري جي ڇوڪرين کي تع??يم جي ذريعي بااختيار بڻائڻ جي گڏيل عزم جو خاڪو پيش ڪندو جنهن سان جامع ۽ پائيدار تع??يمي سڌارن سان گڏوگڏ ايندڙ نسلن جي لاءِ روشن مستقبل جي راهه هموار ٿيندي.