اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يونان ۾ ٻيٽ ويجهو پاڪستانين جي فوتگي تي افس??س جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انساني اسمگلنگ هڪ ??نگين ڏوهه آهي جنهن سبب قيمتي جانيون ضايع ٿين ٿيون، گهرو وزير واقعي جي انڪوائري رپورٽ جلدي پيش ??ري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف يونان جي ٻيٽ ويجهو پاڪستانين جي فوتگي تي افس??س جو اظهار ڪندي ان سلسلي ۾ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته انساني اسمگلنگ هڪ ??نگين ڏوهه آهي جنهن سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي جان هلي ويندي آهي ۽ هر سال ڪيترائي گهر اجڙي ويندا آهن، انساني اسمگلر هڪ ??هڙي ظالم مافيا آهي جيڪا غريب عوام کي ڪوڙا خواب ڏيکاري انهن کان پيسا وٺي ٿو. وزيراعظم گهرو وزير محسن نقوي کي واقعي جي انڪوائري رپورٽ جلدي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اهڙن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي ۽ کين سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن هو ا??ڙي گٿي فعل کي نه ورجائن، اهڙن واقعن جي مستقبل ۾ روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن.