اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي ??زم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته والدين پوليو خلاف مهم ۾ ورڪرن سان تعاون يقيني بڻائين ته جيئن انهن جي ٻارن جو مست??بل محفوظ ٿئي ۽ اهي توانا ٿي ملڪ جي ??وشن مست??بل ۾ ڪردار ادا ??ري سگهن. پوليو جي ??اتمي واري مهم جي ??قريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان سان پوليو جي ??اتمي واري مهم ۾ حصيداري تي بل گيٽس فائونڊيشن، صحت واري عالمي اداري ۽ سعودي عرب سميت عالمي ادارن جا ٿورائتا آهيون، پاڪستان سميت ٻين ملڪن جي ڀرپور معاونت ڪرڻ تي سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جو پڻ شڪريو ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته ڊاڪٽر مختار ڀرٿ ۽ عائشه رضا فاروق جي نگراني ۾ صوبائي حڪومتن سان گڏجي پوليو جي ??اتمي جي هي جنگ اسان کٽنداسين. ماضي ۾ مشڪلاتن سبب پاڪستان ۾ پوليو جا 60 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي اسان لاءِ هڪ چئلينج آهن، هي اسان جو عزم آهي ته پوليو جي مرض کي پاڪستان مان ختم ??ري ساهه کڻنداسين. پاڪستان جي والدين کان گذارش ڪريون ٿا ته اهي هن مهم ۾ مڪمل سهڪار ڪن ۽ پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري کين هن مرض کان هميشه هميشه لاءِ محفوظ ڪن ۽ ڪروڙين ٻارن جي مست??بل کي توانو بڻائين ته جيئن اهي پڙهي لکي پاڪستان جا بهترين معمار بڻجن. هن پوليو جي فيلڊ ٽيمن جي واکاڻ ڪندي چيو ته هو عزم ۽ بهادري سان پاڪستان مان پوليو جي ??اتمي لاءِ ڏينهن رات محنت ??ري رهيا آهن، ان سلسلي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪوششون به ساراهه جوڳيون آهن جو اهي اتر وزيرستان سميت، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي ??لائقن سميت جتي جتي سيڪيورٽي جا مسئلا درپيش آهن اتي هو ڀرپور مدد فراهم ??ري رهيا آهن، صوبائي حڪومتن جا به ٿورائتا آهيون جو اهي هن عظيم مقصد لاءِ پوري طرح گڏ آهن ۽ وفاق سان گڏجي پوليو جو خاتمو ڪرڻ ۾ پنهنجون سموريون توانايون خرچ ??ري رهيا آهن. هن چيو ته اسان دعاڳو آهيون ته الله پاڪ اسان کي همت ڏي ۽ اسان جي فرض شناسي ۾ واڌ ??ري ته جيئن اسان هن ڀيري ملڪ مان پوليو جو هميشه لاءِ خاتمو ??ري ساهه پٽيون. وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر مختار ڀرٿ چيو ته ملڪ ۾ پوليو جي هي سال جي ??خري مهم آهي جنهن ۾ 4 لک کان وڌيڪ پوليو ورڪرز اڄ کان 19 ڊسمبر تائين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندا. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن جي ??وشني ۾ واٽر ۽ سينيٽيشن، نيوٽريشن تي پنهنجي پارٽنرز ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ??امع حڪمت عملي بڻائي پئي وڃي، ان سان به پوليو جو خاتمو ڪرڻ ۾ مدد ملندي.