اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري ٽيم تي دهشتگردن جي حملي ۾ پوليس اهلڪار جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پوليو کي پاڪستان ??ان ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان جي سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون رائيگان ??ه وينديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم قوم کي پوليو جي مرض کان ??اڪ ڪرڻ جي لاءِ سرگرم پوليو ورڪرز تي حملي کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته حڪ??مت ملڪ مان ??وليو جي مڪمل خاتمي ۽ پوليو ورڪرز جي حفاظت جي لاءِ سمورا وسيلا استع??ال ۾ آڻيندي.