اس??ام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سول نافرماني جي سڏ کان وڏي دشمني پاڪستان سان ڀلا ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي اعتماد جو اظهار آهي، معاشي استحڪام جي لاءِ سياسي استحڪام لازمي آهي، اس??ام آباد تي چڙهائي ڪندڙ شرپسندن کي نه ڇڏيو ويندو، شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جو مڪينزم طئي ٿي ويو آهي. وفاقي ڪابينا جي اج??اس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن جي اندر شام جون حالتون مڪمل تبديل ٿي ويون. پاڪستان ان صورتحال ۾ غيرجانبدار رهيو. شام ۾ هن وقت 250 زائرين ۽ 300 ٻيا پاڪستاني موجود آهن. ان کانسواءِ ڪيترائي پاڪستاني خاندان سالن کان اتي ??باد آهن. شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جي حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ شام ۾ پاڪستان جي سفير متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. گذريل ڏينهن منهنجي شام ۾ مقرر پاڪستاني سفير سان ملاقات به ٿي. انهن ماڻهن کي رستي ??ريعي لبنان ۽ رفيق حريري ايئرپورٽ کان چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي واپس آڻي سگهجي ٿو. ڪالهه لبنان جي وزيراعظم سان ان سل??لي ۾ ڳالهه ڪئي آهي. رياض ۾ سعودي ولي عهد جي دعوت تي ??ڏهن آئون ويس ته منهنجي لبنان جي وزيراعظم سان ملاقات پڻ ٿي هئي. هن پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ جذبن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان پاران موڪلي ويندڙ امداد جا ٿورا پڻ ادا ڪيا هئا. لبنان جي وزيراعظم بيروت جي ذريعي شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جي سل??لي ۾ پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو. هن لاڳاپيل عملدارن کي ان سل??لي ۾ حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن. اهڙي طرح شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جو مڪينزم طئي ٿي ويو آهي. وزيراعظم هفتيوار مهانگائي (ايس پي آءِ) جو انڊيڪس گهٽ ٿي 3.7 سيڪڙو تي ??چڻ تي ??لله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪندي چيو ته معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ سياسي استحڪام ۽ امن امان لازمي آهي. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته ڪالهه آذربائيجان جي سفير سان پڻ ملاقات ٿي، فيبروري ۾ آذربائيجان جو دورو ڪندس ۽ پاڪستان ۾ آذربائيجان جي 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي حوالي سان معاهدا ٿيندا. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪوششن ۽ قدمن سان معاشي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي. ان جي لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي. امن امان جي حوالي سان گذريل ڏينهن به اج??اس ٿيو جنهن ۾ مون هدايت ڪئي آهي ته اس??ام آباد تي چڙهائي جي ناپاڪ ڪوشش ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جي جيڪا سازش پاڪستان جي خلاف ڪئي وئي ان ۾ جيڪو به ملوث آهي ثبوتن سان ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي ۽ انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيو ويندو ۽ ڪنهن بيگناهه کي هٿ تائين نه لڳايو ويندو. وزيراعظم مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي تي ??طمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اهو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي اعتماد جو اظهار آهي جيڪي ٻاهرئين ملڪ ڏينهن رات محنت ڪري حلال رزق ڪمائين ٿا ۽ پنهنجي رقم وطن موڪلين ٿا. وزيراعظم سول نافرماني جي ڪال کي بدقسمتي قرار ڏيندي چيو ته ان کان وڏي دشمني پاڪستان سان ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان معاشي صورتحال ۾ بهتري سان پنهنجو مقام ضرور حاصل ڪندو.