اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت هر سطح تي بدعنواني کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ شفاف، مضبوط ۽ جوابدار معاشر?? جي قيام لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اهڙو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرپشن جي خاتمي وار?? عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته 9 ڊسمبر تي ڪرپشن جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو جيڪو اسان سڀني کي پنهنجي معاشرن کي درپيش بدعنواني جو مقابلو ڪرڻ ج?? عالمي ڪوششن جي ياد ڏياري ٿو. هن سال ج?? عالمي ڏينهن جو موضوع ”بدعنواني خلاف نوجوانن سان متحد ٿيڻ ۽ سڀاڻ جي سالميت جي جوڙجڪ“ بجا طور تي ان اهم ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو جيڪو اسان جا نوجوان بدعنواني خلاف جنگ ۾ ادا ڪري سگهن ٿا. اسان جي نوجوان نسل هڪ اهڙي م??تق??ل جو حقدار آه?? جيڪو ڪرپشن کان پاڪ هجي. پاڪستان اڄ عالمي برادري سان گڏجي ان وچن جي تجديد ڪري ٿو ته پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ شفاف، جامع ۽ جوابده معاشر?? جي جوڙجڪ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن چيو ته ڪرپشن ۽ بدعنواني هڪ اهڙو مڪروه عنصر آه?? جيڪو ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي کي نقصان پهچائي ٿو ۽ معاشر?? جي سماجي حيثيت کي تباهه ڪري ٿو، هي قومن کي انهن جي صلاحيتن کان محروم ڪري ٿو ۽ ماڻهن کي منصفاڻي حڪمراني ۽ برابر?? جي موقعن جي فائدن کان لطف اندوز ٿيڻ کان روڪي ٿو، هي عوامي خدمتن جي فراهمي کي به بري طرح متاثر ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته ترق?? جي لاءِ دسياب وسيلا صحيح طور تي استعمال نٿا ٿين ان ڪري معاشري ۾ اڻبرابري پيدا ٿئ?? جيڪا عام شهرين جي زندگين کي متاثر ڪري ٿي، هي بدعنواني حڪومتن ۽ ان جي شهرين وچ ۾ عدم اعتماد جو هڪ وڏو سبب آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت هر سطح تي بدعنواني کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ لاءِ پرعزم آهي. قومي احتساب بيورو (نيب) ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙا دارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيا آهن ته جيڪي ماڻهو طاقت جو غلط استعمال ڪن ٿا ۽ عوام جي محنت مان ڪمايل آمدني کي لٽين ٿا انهن کي پنهنجي اعمالن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. اسان پنهنجي ادارن جي محنت کي ساراهيون ۽ معاشري مان بدعنواني کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ جي ان اهم ڪم ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم چيو ته حڪومت اڪيلي سر ڪرپشن خلاف جنگ کٽي نٿي سگهي، ان لاءِ هر شهري، هر ادار?? جي اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته بدعنواني کي بي نقاب ڪرڻ ۾ ميڊيا جو فعال ڪردار آهي، هي ڏينهن انصاف ۽ ديانت تي يقين رکندڙ سمورن ماڻهن کان فعال شرڪت جو مطالبو ڪري ٿو. شفاف ۽ جوابدار معاشر?? جي تعمير اسان مان هر فرد جي ذميواري آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مان سمورن پاڪستانين کي اپيل ڪريان ٿو ته هو بدعنواني کان پاڪ م??تق??ل لاءِ اسان جي جدوجهد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اچو ته اسان گڏجي بيهون، هڪ اهڙو پاڪستان بڻائڻ جي پنهنجي عزم ۾ متحد ٿي وڃون جتي عوامي وسيلن کي اسان جي ماڻهن کي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ موثر طريقي سان استعمال ڪري سگهجي. اچو هڪ اهڙي م??تق??ل لاءِ گڏجي ڪم ڪريون جتي قانون جي حڪمراني هجي ۽ جتي احتساب سڀني لاءِ بنياد آهي.